سنڌي ادب ۾ تنقيد: شيخ اياز

سنڌي ادب ۾ تنقيد: شيخ اياز

سنڌي ادب ۾ تنقيد شيخ اياز

سنڌي ادب ۾ تنقيد: شيخ اياز (ڪتاب): هن ڪتاب جو مرتب نوجوان دانشور ۽ اديب جامي چانڊيو آهي. هي ’سنڌي ادب ۾ تنقيد- اينٿالاجيءَ‘ جو حصو پهريون آهي. ڪتاب جو مقدمو جامي چانڊيي جو لکيل آهي. ان بعد شيخ اياز ۽ سندس تخليقن بابت هيٺيان تنقيدي مضمون شامل ڪيا ويا آهن:
(1) شيخ اياز جي شاعريءَ جو سياسي ۽ ادبي پسمنظر: رشيد ڀٽي، (2) وکر سو وهاءِ (شيخ اياز جي ڪتابن جا مهاڳ)، محمد ابراهيم جويو، (3) اياز جي شاعري، قربان بگٽي، (4) انڌا اونڌا ويڄ:رسول بخش پليجو'> رسول بخش پليجو، (5) اياز جي شاعري: هڪ مطالعو: امير علي چانڊيو، (6) بڙ جهڙو ڪو گهاٽو ماڻهو: قمر شهباز، (7) جي تون سرجڻهار: جيءُ انوکو جڳ ۾: امداد حسيني، (8) واويلا وڻڪار: عبدالواحد آريسر، (9) مون تي ميارون: اعجاز منگي، (10) هو چون ٿا هيئن چؤ:رسول بخش پليجو'> رسول بخش پليجو، (11) فطرت، فلسفو، زندگي ۽ اياز جا فڪري مونجهارا: جامي چانڊيو.
ڊيمي سائيز جي 511 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب، سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي، فبروري 1998ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو، جنهن جي قيمت 300 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو